فتح محمد شاهه شيرازي

فتح محمد شاهه شيرازي : هي اصل ٺٽي جي شيرازي خاندان مان هو ۽ هن جا وڏا شيراز جا هئا، جتان لڏي اچي سنڌ ۾ آباد ٿيا هئا. سيد علي ثاني شيرازيءَ جي اولاد مان سيد جمال شاهه شيرازي نالي هڪ بزرگ ٻارهين صدي هجريءَ/ ارڙهين صدي عيسويءَ ڌاري ٺٽي مان لڏي وڃي روهڙيءَ ۾ سڪونت اختيار ڪئي. جنهن جي اولاد مان سيد فتح محمد شاهه شيرازي ٿيو. سندس نسب جو سلسلو هن ريت آهي: “سيد فتح محمد شاهه بن سيد حاجي شاهه بن سيد الله بخش بن سيد پيرل شاهه بن سيد محمد منور شاهه بن سيد جمال شاهه شيرازي.” سيد فتح محمد شاهه شيرازي، پنهنجي دَور جو بهترين ڪاتب هو. هن جي ڪتابت ڪيل قلمي نسخن مان 1876ع ۾ لکيل هڪ ناياب قلمي نسخو روهڙيءَ ۾ محفوظ آهي. اهو ڪتاب ‘مجموعهء رقعات’ جي قلمي نسخي تان 27 جمادي الاول 1293هه/ 2 جون 1876ع ۾ نقل ڪري محفوظ ڪيائين، پر قلمي نسخي جي سار سنڀال نه هجڻ ڪري ان جي شروعاتي سئو صفحن جي هيٺين حصي کي اڏوهي کائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مواد اڻپورو ٿي چڪو آهي. اهو قلمي نسخو روهڙيءَ جي ‘شهيد ڊاڪٽر علي شريعتي لائبرري’ ۾ محفوظ آهي. سيد فتح محمد شاهه شيرازيءَ جا ٻيا به ڪيترائي ڪتاب نقل ٿيل هوندا، پر انهن مان هڪ جو به پتو نه ٿو پوي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو